آمريڪي صدر بائيڊن جو چيني صدر شي جن پنگ سان ٽيليفونڪ رابطو
(انٽرنيشنل ڊيسڪ)
آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي چيني هم منصب صدر شي جن پنگ سان پهريون ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ چيني جي صوبي شنڪيانگ ۾ ٿيندڙ اقليتي اويغور مسلسمانن سان ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. وائٽ هائوس مطابق اربع ڏهاڙي تي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ صدر بائيڊن چيني صدر شي جن پنگ سان واپار، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ بابت ڳالهايو. ان بابت چيني ٽي وي جو چوڻ هيو ته صدر شي جن پنگ آمريڪي صدر بائيڊن کي خبردار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ واپار، جاسوسي ۽ ڪورونا وبا سميت هانگ ڪانگ ۽ تائيوان واري معاملن تي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، جيڪا صدر ٽرمپ جي دور ۾ عروج تي پهچي چڪي هئي. هن وقت نئين انتظاميا جي اچڻ کان پوءِ چيني حڪومت طرفان واشنگٽن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳوڻن وچ ۾ اهڙي قسم جو رابطو قمري سال جي شروعات ۾ ٿيو آهي، جنهن کي خوش آئند قرار ڏنو پيو وڃي. صدر شي جن پنگ سان ٽيليفونڪ رابطي کان پوءِ صدر جو بائيڊن هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته “اڄ مان چيني صدر شي جن پنگ سان ڳالهايو ۽ نئين سال جي شروعات لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مان انهن کي واپار، انساني حقن جي لتاڙ، تائيوان تي وڌندڙ اثر بابت آگاهه ڪيو. مان چيني هم منصب تي اهو پڻ واضح ڪيو ته چين سان گڏ تڏهن ئي ڪم ڪيو ويندو، جڏهن اهو آمريڪي عوام جي فائدي ۾ هوندو”. آمريڪي صدر جي وائٽ هائوس طرفان هڪ چيني صدر سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو خلاصو بيان ڪندي چيو ويو آهي ته “چين کي سندن طرفان زبردستي ۽ نا انصافي تي ٻڌل معاشي طريقن بابت ۽ هانگ ڪانگ توڙي اويغور ۾ ٿيندڙ مسلمانن سان زيادتين تي آمريڪي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته اهڙا طريقا امن لاءِ غير پائيدار ثابت ٿي سگهن ٿا”. ياد رهي ته چين تي سنڪيانگ صوبي ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪندي مسلمان آبادي کي يرغمال بڻائڻ جو الزام آهي. چين تي اهو الزام آهي ته هُو آبادي کي زبردستي قيد ڪري ذهني طور حراسان ڪندي عورتن جي زبردستي نس بندي ڪري رهيو آهي. ان معاملي ۾ چين طرفان مسلسل انڪار ڪندي اهڙن قدمن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اتان جا رهاڪو پنهنجي مرضي سان حڪومت طرفان ٺاهيل تربيتي ڪيمپن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. واضح رهي ته هن وقت سڄي دنيا جون نظرون نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن تي آهن ته هُو چين بابت ڪهڙي پرڏيهي پاليس اختيار ڪري ٿو.
بي بي سي اردو جي ٿورن سان