ملير ۾ پ ٽ الف اڳواڻ سليمان راڄپر جي نياڻي سان زيادتي جي تصديق بعد ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. زيادتي جي تصديق بعد اسٽيل ٽائون پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گلشن حديد واسڻ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي بشرا راڄپر کي اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻائي کيس بيهوشي جي حالت ۾ اڇلايو ويو. شاگردياڻي بشرا راڄپر جي وارثن ٻڌايو ته سندن نياڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلشن حديد مان موڪل بعد واپس اچي رهي هئي ته کيس اغوا ڪيو ويو. سليمان راڄپر ٻڌايو ته بشرا راڄپر کي 9 فيبروري تي شام 5 وڳي اغوا ڪيو ويو، کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد ڊفينس ٿاڻي جي حد ۾ روڊ تي بي هوشي جي حالت ۾ اڇلايو ويو. متاثر ناري ٻڌايو ته فواد ۽ سميع سميت 5 ڄڻن اغوا ڪرڻ بعد زيادتي ڪئي. متاثر ناري جي وارثن مطالبو ڪندي چيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...