پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت طرفان روزانو عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو پيو وڃي، نالائق حڪومت ملڪي معيشيت تباهه ڪري ڇڏي آهي.جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شازيه مري چيو ته ملڪ جو عوام سليڪٽيڊ حڪومت جي هر چوري ڀوڳي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي جو بم ڪيرايو ويو، هاڻي وري پيٽرول 16 رپيا مهانگو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، نااهل حڪومت غريبن کي مهانگائي ۽ بيروزگاري ذريعي مارڻ چاهي ٿي. پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو ته 90 ڏينهن ۾ ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي دعويدارن تباهي ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ نيازي سرڪار جي عوام دشمن پاليسين کي رد ڪري ٿي، عوام جي پي ٽي آءِ جي مهانگائي واري جن مان جند آجي ڪرائڻ لازمي آهي.