پلواما حملي جي ڊرامي کي ڀارتي صحافي ارنب سوامي جي ليڪ ٿيل واٽس ايپ سياسي چال ثابت ڪري ڇڏي. پلواما حملي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ بعد مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا جو ڳٺ جوڙ وائکو ٿي ويو. ڪيترن ئي ڀارتي اهم شخصيتن پلواما حملي جي امڪانن بابت ٽوئٽس ڪيا، مودي سرڪار سياسي فائدي لاءِ پنهنجي ئي فوج کي مارايو. پلواما ۾ هڪ فالس فليگ آپريشن ذريعي پنهنجي فوجين کي مارايو ويو. رٽائرمينٽ بعد جنرل راوت کي سي ڊي ايس جو نئون عهدو رشوت طور ڏنو ويو، ڀارتي ميڊيا کي به مودي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ ريٽنگ جي رشوت ڏئي خريد ڪيو. ارنب گواسوامي جهڙا صحافي به مودي جي اشارن تي نچندا رهيا، ڀارتي ميڊيا مودي جي تباهي جو به بچاءُ ڪندا رهيا. سموري پروپگينڊا باوجود ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته ڪاميابي هميشه سچ جي ٿيندي.
ايران جي آمريڪا کي ڌمڪي
نيوڪلئير پلانٽ تي اسرائيلي حملي بعد ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هُو پابندين ۽ نيوڪلئير حملن بابت پنهنجي...