آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٿر جي ڇور واري علائقي ۾ ٽريننگ ڪيمپ جو دورو ڪري آپريشن تيارين جو معائون ڪيو. آءِ آيس پي آر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه ٿر جي ڇور واري علائقي ۾ جاري فوجي مشقن جو معائنو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب مشقن ۾ مختلف فارميشنز پاران آپريشنل تيارين جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن دوران آرمي چيف طرفان پاڪ فوج جي آپريشنل ۽ جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڳالهائيندي چيو ته سخت تربيت ۽ آپريشنل تياري امن جي ضامن هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ فوجي مشقون جوانن جي تيارين کي جاچڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن.