جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ تي مڙهيل حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ پيسو هلندو آهي، جيڪو وڌيڪ پيسا ڏيندو وڌيڪ ووٽ کڻندو. مٽياري ۾ پير آغا عبدالرحيم سرهندي جي مزار تي حاضري ۽ سنڌ آبادگار اڳواڻ نديم شاهه جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ڪرپشن ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ۾ ڪو فرق ناهي، هڪڙا ڪرپشن بچائڻ ۾ پورا آهن ته پي ڊي ايم ڪجهه خاندانن کي بچائڻ لاءِ واويلا ڪري رهي آهي. سراج الحق چيو ته سينيٽ ۾ ووٽ بيلٽ نه پر پيسن سان ملندو آهي، ملڪ مان نوٽن، بوٽن ۽ لوٽن جو خاتمو اچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ جماعت اسلامي جي امير چيو ته پي ڊي ايم مارچ ڪري يا نه پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مارچ هونئن ئي اچڻو آهي.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...