اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته احتساب ڪندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته براڊ شيٽ بابت وزيراعظم عمران خان کي وضاحت ڏيڻي پوندي، جڙتو احتساب وارا ٻڌي ڇڏين ته اهو حساب ٿيندو. هن چيو ته جيتري ڪرپٽ حڪومت اڄ ملڪ ۾ آهي تاريخ ۾ ايتري نه آئي آهي، ٻين تي الزام هڻندڙ ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته ووٽ خريد ڪرڻ جي وڊيو موجود آهي، چيو پيو وڃي ته تنهن وقت جي وزير پئسا وٺڻ جي هدايت ڪئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته 2018ع ۾ ووٽ لاءِ پئسا وٺندڙ اڄ به عهدن تي برقرار آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ٽي آءِ ايم پي اي چون ٿا ته اسپيڪر جي گهر ۾ رقم ڏني وئي، ڪي پي اسيمبلي جو اسپيڪر اڄ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر آهي. هن چيو ته نيب چيئرمين ڇا ووٽ خريد ڪرڻ بابت وڊيو نه ڏٺي آهي، انصاف ۽ احتساب جو ٻٽو معيار هلي نه ٿو سگهي، احتساب ڪندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته هو مخالف ڌر ۾ آهن ۽ اپوزيشن جو مقصد خرابي جي نشاندهي ڪرڻ آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف پاڪستان جو شهري ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم ٿيل آهي، ڪنهن کي سندس پاسپورٽ روڪڻ جو حق ناهي. هن چيو ته نواز شريف علاج مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پرڏيهه مان واپس اچي ويندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو ٻٽو نظام وڌيڪ نه هلي سگهندو.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...