11 مارچ تي سينيٽ جا 52 سينيٽر رٽائرڊ ٿي ويندا، جن ۾ ن ليگ جا سڀ کان وڌيڪ 16 پي ٽي آءِ ۽ پ پ جا ست ست سينٽر رٽائر ٿيندا. سنڌ ۽ پنجاب مان 11-11، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ 12-12 سينيٽر رٽائر ٿي رهيا آهن. ن ليگ جا پنجاب مان 11، اسلام آباد، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان 2-2 سينيٽر رٽائرڊ ٿيندا. رٽائرڊ ٿيندڙ ليگي سينيٽرن ۾ راجا ظفرالحق، مشاهد الله خان، پرويز رشيد، يعقوب خان ناصر، راحيلا مگسي، آغا شاهزيب دراني، عائشه رضا فاروق، چوڌري تنوير، اسد اشرف، غوث نيازي، صلاح الدين ترمزي، عبدالقيوم، جاويد عباسي، نجمه حميد، پرويسر ساجد مير ۽ سليم ضياءَ شامل آهن. 11 مارچ تي پ پ جا ست سينيٽر رٽائرڊ ٿيندا، جن جو تعلق سنڌ سان آهن، جن ۾ رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائڪ، گيانچند، اسلام الدين شيخ، سليم مانڊويوالا، سسئي پليجو ۽ شيري رحمان شامل آهن. پي ٽي آءِ جي رٽائر ٿيندڙ سمورن سينيٽر جو تعلق ڪي پي سان آهي، جن ۾ ڪينٿ وليمز، لياقت ترڪئي، محسن عزيز، نعمان وزير، ثمينه سعيد، شبلي فراز ۽ ذيشان خانزادا شامل آهن. ايم ڪيو ايم جا سنڌ مان 4 سينيٽر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جن ۾ عتيق شيخ، خوش بخت شجاعت، محمد علي سيف ۽ نگهت مرزا آهن، جڏهن ته جي يو آءِ جا ٻن سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان ۽ مولانا غفور حيدري رٽائرڊ ٿي ويندا. جماعت اسلامي جو سراج الحق، اي اين پي جي ستارا اياز، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جا 2 سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ ۽ گل بشريٰ، جڏهن ته بي اين پي مينگل جو جهانزيب جمال ديني به رٽائرڊ ٿيندڙ ۾ شامل آهي. بلوچستان مان هڪ آزاد ميمبر يوسف باديني به رٽائرڊ ٿيندو، فاٽا مان 4 آزاد ميمبر اورنگزيب اروڪزئي، مومن آفريدي، ساجد طوري ۽ تاج آفريدي رٽائرڊ ٿيندا.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...