ڏوڪري ويجهو هيانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ ميروخان واسي ٻن نياڻين ۽ معصوم پٽ سميت اجل جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. باقراڻي روڊ تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ميروخان ڀرسان ڳوٺ ستار ڏنو سانگي واسين سان حادثو پيش آيو. حادثي ۾ 45 ورهين جو احمد خان ڀاڳت، سندس چئن ورهين جو پٽ احمد رضا ۽ ٻه ڌيئرون 22 ورهين جي ماريه مڱڻيجو ۽ 18 ورهين جي پارس مڱڻيجو فوت ٿي ويا، جڏهن ته مسڪان، عائشه، مبشر مڱڻيجو، موٽر سائيڪل سوار ويهڙ واسي احمد خان ۽ سندس چئن ورهين جو پٽ احمد رضا، عذره ۽ شڪيلان ڀاڳت زخمي ٿي پيا. علائقي واسين فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو، جتي فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته مڱڻيجا برادري جا ماڻهو ڪار تي موهن جو دڙو گهمڻ ويا هئا تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي ڳوٺ ويهڙ ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن تي ڪري پئي جنهن دوران چار ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.