ڪراچي جي عدالت شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ڪيس ۾ فرار جوابدارن خلاف نيب کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. احتساب عدالت ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب پاران جوابدار سيف الله ۽ ڪامران بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
جي يو آءِ، عبدالغفور حيدري لاءِ سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو گهري ورتو
جي يو آءِ، عبدالغفور حيدري لاءِ سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو گهري ورتو آهي، جڏهن ته پ پ طرفان...