پيپلز پارٽي، اٽارني جنرل جي سينيٽ چونڊ ۾ پيسن جي تقسيم جي تيارين بابت بيان تي وضاحت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته پيسا ورهائڻ جي تياري بابت اٽارني جنرل غيرذميوراڻو بيان ڏنو آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته اٽارني جنرل بيان ڏئي سموري سياسي پارٽين تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي اهڙي غيرذميوراڻي بيان تي وضاحت لاءِ طلب ڪري. پ پ اڳواڻ چيو ته پيسا ورهائڻ جي تياري بابت اٽارني جنرل غيرذميوراڻو بيان ڏنو آهي، کيس وضاحت ڪرڻي پوندي. نيئر بخاري چيو ته اٽارني جنرل جيڪو بيان ڏنو ويو، ان بابت سموريون شاهديون پيش ڪرڻ جو هو پابند آهي، ثبوت پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.
وزيراعظم عمران خان آئيني اداري جي توهين ڪئي آهي، شيري رحمان
پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آئيني اداري جي توهين ڪئي آهي، ادارن کي تڪراري...