ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 52 مريض فوت ۽ هڪ هزار 272 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ملڪ ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 24 هزار 176 آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان چيو ويو ته وڌيڪ هڪ هزار 272 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن بعد ملڪ ۾ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 5 لک 67 هزار 261 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 52 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 12 هزار 488 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر موجب، صحت ماڻيندڙن جو انگ 5 لک 30 هزار 597 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، ملڪ ۾ 24 هزار 176 علاج هيٺ آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب، اسلام آباد ۾ 43 هزار 29، خيبر پختونخواهه ۾ 70 هزار 306، سنڌ ۾ 2 لک 54 هزار 678، پنجاب ۾ هڪ لک 65 هزار 716، بلوچستان ۾ 18 هزار 958، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 629 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 945 ڪورونا جا مريض آهن. اين سي او سي موجب، پنجاب ۾ 5 هزار 138، سنڌ ۾ 4 هزار 263، ڪي پي ۾ ٻه هزار 15، بلوچستان ۾ 199، اسلام آباد ۾ 487، گلگت بلتستان ۾ 102 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 284 ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن.