اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته حليم عادل شيخ جي حرڪتن سبب پي ٽي آءِ جي ملير ضلعي مان ٿڏا ويڙهه ٿي وئي آهي، پي ايس 88 جي جمهوريت پسند ۽ باشعور عوام کيس پنهنجي حيثيت ياد ڏياري ڇڏي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته حليم عادل شيخ، پي ايس 88 جي ٽڪيٽ مقامي اميدوار بدران ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ پنهنجي دوست کي ڏني. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اميدوار کي حليم عادل شيخ پنهنجي تڪ پي ايس 99 جيترا ووٽ به نه ڏياري سگهيو. ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ ملير جي عهديدارن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته حليم عادل شيخ اليڪشن ڏهاڙي ڊرامو ڪيو ۽ اڳواڻن کائنس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙن کان پنهنجا اڳواڻ ئي استعيفيٰ گهري رهيا آهن، ساڳي صورتحال سينيٽ چونڊ ۾ آهي، سڄي سنڌ مان پي ٽي آءِ مٿان ٽڪيٽ ورهائڻ تي پنهنجا ماڻهو ئي الزام لڳائي رهيا آهن. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته حليم عادل شيخ جنهن پارٽي ۾ ويو، ان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.
سنڌ سرڪار، عمران خان جي حڪومت کي سنڌ ۽ آبادگار دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
سنڌ سرڪار، عمران خان جي حڪومت کي سنڌ ۽ آبادگار دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آهي، صوبائي وزير اسماعيل راهو جو...