اليڪشن ٽربيونل تحريڪ انصاف جي اميدوار فيصل واوڊا کي سينيٽ چونڊ لاءِ اهل قرار ڏيندي مخالف ڌر جا ٻٽي شهريت بابت اعتراض رد ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل ۾فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري تي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف قادر خان مندوخيل جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي وئي. اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي دوران ميڊيا کي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو ۽ عدالتي عملي ميڊيا نمائندن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي بعد فيصل واوڊا جي، قادر مندو خيل جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ سندس نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏيندي کيس سينيٽ چونڊ لاءِ اهل قرار ڏنو. اليڪشن ٽربيونل چيو ته نامزدگي ڪاغذ بابت سندن اختيار محدود آهن، اپيل ڏيندڙ چاهي ته آئيني درخواست ڏئي سگهي ٿو.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...