(انٽرنيشنل ڊيسڪ )
اسرائيلي وزيرِاعظم بينجمن نتن ياهو طرفان آمريڪي صدر جو بائيڊن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هُو اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ مڙهيل آءِ سي سي تي پابنديون برقرار رکي. ان سلسلي ۾ واضح هجي ته بائيڊن انتظاميا طرفان اهو اعلان ڪيو ويو هيو ته هُو صدارت ۾ اچڻ کان پوءِ آمريڪا جي آءِ سي سي تي مڙهيل پابندين بابت غور ڪندا ۽ انهن پاليسن جو ٻيهر جائزو وٺندا. واضح رهي ته هيگ ۾ قائم انٽرنيشنل ڪريمنل ڪورٽ جنگ ۾ ڪيل جرمن جي ٻڌڻي ڪندي آهي ۽ انهي معاملي ۾ هُن افغانستان ۾ هلندڙ جنگ ۾ آمريڪي فوجين جي جنگي جرمن ۾ ملوث هجڻ تي آڏي پڇا ڪئي هئي. نه رڳو اهو پر آءِ سي سي طرفان هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ اهو فيصلو ڏنو هيو ته هُو فلسطين ۽ اسرائيل اندر به پنهنجي حد رکي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل جنگي جرمن تي آڏي پڇا جو حق رکي ٿي. آءِ سي سي جي هن فيصلي کان پوءِ اسرائيل ۽ آمريڪا پنهنجو رد عمل ڏنو ۽ فيصلي جي مذمت ڪئي. نه رڳو اهو پر اسرائيل آءِ سي سي کي يهود نسل مخالف پڻ قرار ڏنو. ساڳي طرح آمريڪا پڻ اهڙي فيصلي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا ۽ چيو ته هُو آءِ سي سي جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه ياد رهي ته هن ڪورٽ جي بنياد روم اسٽيٽيوٽ يا قانون آهي ۽ اسرائيل توڙي آمريڪا مان ڪو به ملڪ ان جو شراڪت دار نه آهي. پر تنهن هوندي به آمريڪا هن ڪورٽ جي سدائين حمايت ڪندو آيو آهي. هن وقت ڪورٽ جي حد بندي تي هلندڙ تڪرار بائيڊن انتظاميا لاءِ هڪ چيلنج آهي، جيڪو دنيا اندر گهڻ رخي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. واضح رهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ آمريڪا گهڻ رخي کان هڪ رخي يعني ملٽي ليٽرل کان يونيليٽرلزم ڏانهن وڃي رهيو هيو، جنهن کي صدر بائيڊن جي انتظاميا بلڪل مخالف طرف ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. اسرائيل جي ڳالهه ڪجي ته هُو مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پنهنجي اتحادين کي ان ڳالهه تي قائل ڪري ته هُو آئي سي سي جي پراسيڪيوٽر فاٽوو بينسوڊا کي اسرائيل خلاف جنگي جرمن جي انويسٽيگيشن کان باز رکي. ياد رهي ته فاٽوو بينسوڊا تي آمريڪي شهري خلاف انويسٽيگيشن ڪرڻ جي نتيجي ۾ آمريڪا طرفان اڳي ئي پابندي مڙهيل آهي. فاٽوو بينسوڊا جي جون ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ برطانوي وڪيل ڪريم خان آءِ سي سي جي پراسيڪيوشن جي ذميواري سنڀاليندو، جنهن کي عراق ۽ شام ۾ داعش خلاف هلندڙ جنگ ۾ ٿيندڙ جنگي جرمن جي انڪوائري جو ڳرو تجربو آهي. ايڪزيوز نالي اداري طرفان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيل جي سفارتي طور تي ڪوشش آهي ته هُو آمريڪي انتظاميا کي اهو باور ڪرائي ته هُو آءِ سي سي عملدارن خلاف پابنديون برقرار رکي.
الجزيره جي ٿورن سان