حڪومت سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا پهرين مارچ کان معمول موجب کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا پهرين مارچ کان هفتي ۾ پنج ڏينهن کوليا ويندا. هن چيو ته ڪورونا سبب وڏن شهرن ۾ اسڪولن تي ڪلاسن کي ننڍن ٽولن ۾ ورهائڻ تي پابندي 28 فيبروري کان ختم ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪجهه وڏن شهرن جا اسڪول 28 فيبروري تائين مرحليوار کوليا ويندا ۽ الله جي ڪرم سان هو نارمل حالتن طرف وڌي رهيا آهن.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...