چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ وڪيلن جا غير قانوني چيمبر ڪيرائڻ جي حڪم خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته روسٽرم کان پوئتي هٽي وڃو، سڀ ماڻهو اڳتي ڇو اچي ويا؟ ڇا توهان کي آواز نه اچي رهيو آهي، هو وڪيلن کي چڱي نموني سڃاڻين ٿا، هو به وڪيل رهي چڪا آهن، اهو ڪم ڪڏهن نه ڪندا، جتي ڪجهه وڪيل گڏ ٿيندا آهن اتي ڪجهه ابتو ڳالهائيندا ۽ ڪندا آهن. هن چيو ته وڪيل پنهنجي عزت تي سوديبازي نه ڪن، هو پاڻ کي وڪيلن جو حصو سمجهن ٿا، وڪيل عدالتن لاءِ جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا اهي به ڏسو، اهو ڪهڙو طريقو آهي جتي چار وڪيل گڏ ٿين مائيڪرو فون کڻي تقرير شروع ڪري ڇڏين ٿا، وڪيل عدليه جو حصو بڻجي ڇا نه ٿا ڪري سگهن، پبلڪ ايراضي تي چيمبر ٺاهڻ جو ڪو به جواز ناهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته فٽبال گرائونڊ تي 3 ماڙ چيمبر ٺاهيا ويا آهن. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته چيمبر وڪيلن جي ذاتي ملڪيت تصور ڪيا ويندا آهن، بار ايسوسيئيشن کي چيمبر ليز تي ڏيڻ جو اختيار ڪٿان آيو؟ هن چيو ته پبلڪ جي زمين تي چيمبر ٺاهڻ جو اختيار ڪٿان آيو آهي، ملڪ ۾ ڪنهن گرائونڊ تي چيمبر نه ٺهيا آهن. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته وڪيلن کي چيمبر ٺاهڻ لاءِ 5 ايڪڙ ايراضي مخصوص ڪئي وئي آهي.