آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ گلوڪارا ليڊي گاگا جي ڪُتن جو خيال رکندڙ شخص کان اڻڄاتل ماڻهون هٿيارن جي زور تي ڪُتا کسي ويا، نه رڳو اهو پر مزاحمت تي هٿياربندن طرفان سندس ملازم تي فائرنگ پڻ ڪئي وئي.لاس اينجلس پوليس موجب واردات ۾ سيمي آٽوميٽڪ هينڊ گن جو استعمال ڪيو ويو جنهن سان گلوڪاره جو ملازم سخت زخمي ٿي پيو آهي.
واردات دوران ليڊي گاگا جو ٽيون ڪُتو مس ايشيا ڀڄڻ سبب محفوظ رهيو.
ڪتا ڦرهجڻ بعد آمريڪي گلوڪارا ڪتن جي ڳولا ۾ مدد يا هٿ ڪرڻ واري لاءِ 5 لک آمريڪي ڊالر انعام جو اعلان ڪيو آهي.
ليڊي گاگا طرفان هڪ اي ميل جاري ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪو به سندس ڪُتن جي بازيابي ۾ مدد ڪندو ان کي 5 لک ڊالر انعام طور ڏنا ويندا.
آمريڪا ۾ ڪُتن جي چوري ۽ ڦُر جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي موقعن تي مالڪن کي انهن جي ڪُتن کان محروم ڪيو ويو آهي. جنوري ۾ سان فرانسسڪو ۾ هڪ شخص کي اڻڄاتل هٿياربندن گن پوائنٽ تي سندس ڪُتي کان محروم ڪيو هيو، ساڳي طرح نارٿ ڪيرولينا ۾ پڻ هڪ شخص کان بندوق جي زور تي ڪُتا ڦر ڪيا ويا.