پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شازي مري چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت جي ڪارگردگي صرف قيمتن ۾ واڌ ۾ نظر اچي پئي. جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته نئون پاڪستان رڳو مھانگائي ۽ شين جا اڳھه وڌائڻ ۾ نئون آهي. هن چيو ته عوام اڳ ئي مسئلن جي ور چڙھيل آهي ويتر مھانگائي ڪري کين پيسيو پيو وڃي . سندس چوڻ هو ته غريب عوام عمران نيازي حڪومت جي مھانگائي ۽ بيروزگاري تي روئي رهي آهي. پ پ ايم پي اي چيو ته ناجائز قيمتن ۾ واڌ کي مجبوري چئي ذميواري اڳوڻي حڪومتن تي مڙهي ويندي آهي. شازيه مري چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار ٻين تي الزام مڙهڻ بجاءِ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري.