سنڌ ٽي وي نيوز، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 2 سئو ووٽ ملڻ جي دعويٰ ڪئي. سنڌ ٽي وي نيوز طرفان مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين جا تفصيل حاصل ڪيا آهن.ملاقات ۾ پي ڊي ايم جي سينيٽ ۾ گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني دعويٰ ڪئي ته هو ڪامياب ٿي ويندو، کيس 190 کان 2 سئو ووٽ ملندا. سينيٽ ۾ پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني حڪومتي ۽ اتحادي ميمبرن جي لسٽ به پيش ڪئي، جن کيس ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته خاطري ڪرائيندڙ ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن ۾ نون ليگ، ق ليگ ۽ پ پ ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ ويندڙ شامل آهن. هن چيو ته شاهه محمود قريشي جي پٽ، ڀائٽي ۽ حامين سان به رابطه ڪري ووٽ گهريو آهي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 3 مارچ تي پي ڊي ايم پارٽين سان گڏ سمورن ايم اين ايز جي موجودگي ۽ ووٽ ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ان ڏهاڙي سندن ايم اين ايز به اسلام آباد ۾ هجڻ گهرجن. ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ جو فيصلو يوسف رضا گيلاني جي نتيجي کي ڏسي ڪيو ويندو، جنهن لاءِ تيارين کي قطعي شڪل ڏني پئي وڃي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...