پ پ ايم اين اي شازيه مري ۽ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن بعد حڪومت گــُــڏڙن جي سرڪار ثابت ٿي آهي، سپريم ڪورٽ جي راءِ انگريزي ۾ هئي تنهن ڪري حڪومت سمجهي نه سگهي ۽ ان کي پنهنجي فتح قرار ڏنو، حڪومت جو صدارتي ريفرنس ۽ آرڊيننس ٻئي فارغ ٿي چڪا آهن، هاڻي حڪومت ملڪ کي آرڊيننس ذريعي نٿي هلائي سگهي. جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊ بابت آئين تي عمل لازمي قرار ڏنو آهي، هو فيصلي جي آجيان ڪن ٿا. هن چيو ته حڪومت جو صدارتي ريفرنس ۽ آرڊيننس ٻئي فارغ ٿي چڪا آهن، هاڻي حڪومت ملڪ کي آرڊيننس ذريعي نٿي هلائي سگهي. شازيه مري چيو ته عدالتي فيصلي سبب حڪومت پريشان نظر اچي رهي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن حڪومتي دٻاءُ سبب آئين جي ڀڃڪڙي نه ٿي ڪري سگهي. پ پ ايم اين اي چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجن ميمبرن تي اعتماد ناهي، تنهن ڪري اهي وائڙائپ جو شڪار آهي. هوڏانهن پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن بعد پي ٽي آءِ حڪومت گــُــڏڙن جي سرڪار ثابت ٿي آهي، سپريم ڪورٽ جي راءِ انگريزي ۾ هئي تنهن ڪري حڪومت سمجهي نه سگهي ۽ ان کي پنهنجي فتح قرار ڏنو. هن چيو ته هاڻي سليڪٽيڊ کي اليڪشن ۽ سليڪشن جي فرق بابت خبر پئجي وئي، عمران خان جي افلاطونن کي اڃا به ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪو ماڻهو رکن. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته عمران خان کي پنهنجي شڪست يقيني نظر اچي رهي آهي، ان ڪري چونڊ کان ڀڄي رهيو آهي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...