بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بلوچ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ تقريبون ڪوٺائي بلوچ پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. اوستا محمد ۾ بلوچ آرگنائيزر ڪميٽي طرفان غلام نبي رند، نعيم بلوچ، غازي خان، محمد عالم جتڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. گنداخا ۾ به سياسي سماجي تنظيمن پاران پٽڪا ۽ ٻيا ثقافتي ويس پهري ريلي ڪڍي وئي. بلوچ نوجوان پاران گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو. ڊيرا مراد جمالي ۾ به بلوچ نوجوانن پٽڪا ۽ بلوچي ويس وڳا پهري ثقافتي ڏهاڙو ملهايو. نوجوانن طرفان پٽڪا پائي ريلي ڪڍي وئي. صحبتپور ۾ مختلف بلوچ تنظمين پاران ريليون ڪڍي ۽ تقريبون ڪوٺايون ويون.بلوچ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالڪريم بگٽي ۽ ڊي ايس پي جان محمد کوسي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شھرين بلوچي لباس ۽ پٽڪاپائي بلوچي گيتن تي جھمريون ھنيون، جڏهن ته بلوچي فنڪارن بلوچي گيت ڳائي خوب داد پڻ حاصل ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالڪريم بگٽي، ڊي ايس پي جان محمد کوسي ۽ ٻين چيو بلوچ ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي، ثقافت مھمانوازي ۽ امن جو درس ڏي ٿي. ھنن چيو ته بلوچ محب وطن مھمان نواز ۽ پنھنجي تھذيب سان پيار ڪندڙ آھن، بلوچي ثقافت ڏھاڙي کي دنيا ۾ رھندڙ ھر بلوچ عيد جي ڏينھن جيان ملھائيندا آھن. ٻي طرف سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي تنظيم الشهباز پينل طرفان بلوچ ڪلچر جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍڻ بعد ۽ تقريب ڪوٺائي وئي. ريلي ۾ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اڳواڻن پاران مٺائي پڻ ورهائي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو ٻه مارچ تي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏهاڙو ملهائيندا آهن. هنن چيو ته جيڪي پنهنجي ثقافت کي وساري ڇڏيندا آهن اهي قومون ختم ٿي وينديون آهن. سندن چوڻ هو ته بلوچ ثقافتي ڏهاڙو سندن لاءِ عيد جيان هوندو آهي، جنهن کي هو ڀرپور نموني ملهائي رهيا آهن.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...