سنڌ ۾ سينيٽ جي 11 سيٽن تي ٿيندڙ اڄوڪين چونڊن ۾ تياريون مڪمل آهن. سنڌ اسيمبلي جي 7 جنرل سيٽن، ٻن ٽيڪنوڪريٽ ۽ ٻن عورتن جي سيٽن تي چونڊون ٿينديون جنهن ۾ 24 ميمبر هڪ جنرل سيٽ جي اميدوار چونڊيندا. عورت ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ 56 ميمبرن جي ووٽن جي ضرورت پوندي. سينيٽ جي جنرل 7 سيٽن لاءِ ٽوٽل 10 اميدوار ميدان تي لٿل آهن جن مان 7 اميدوارن جو تعلق پيپلز پارٽي، هڪ جي ڊي اي ۽ هڪ پي ٽي آءِ جو اميدوار شامل آهي. جنرل سيٽن تي پ پ مان جيڪي اميدوار ميدان تي آهن انهن ۾ تاج حيدر، ڄام مهتاب ڏهر، دوست علي جيسر، سليم مانڊوي والا، شهادت اعواڻ، شيري رحمان ۽ صادق ميمڻ شامل آهن. جِي ڊي اي مان جنرل سيٽ تي پير صدرالدين شاهه شاهه راشدي ۽ پي ٽي آءِ جو فيصل واوڊا ۽ ايم ڪيو ايم جو فيصل سبزواري اميدوار آهن. ٽيڪنو ڪريڪٽ جي ٻن سيٽن لاءِ ٽوٽل 4 اميدوار ميدان تي لٿل آهن جنهن ۾ پ پ جو فاروق ايچ نائيڪ ۽ ڊاڪٽر ڪريم خواجا، پي ٽي آءِ جو سيف الله ابڙو ۽ ٽي ايل پي جو نشاالله خان اميدوار آهن. عورتن جي ٻن سيٽن تي 3 اميدوار ميدان تي لٿل آهن جن ۾ پيپلزپارٽي جي پلوشه خان ۽ رخسانه پروين ۽ ايم ڪيو ايم جي خالده طيب اميدوار آهن. سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ 99 ميمبرن جو تعلق پ پ ، 30 ميمبرن جو پي ٽي آءِ، 21 جو ايم ڪيو ايم پاڪستان، 14 جو جي ڊي اي، ٽن جو ٽي ايل پي هڪ جو جماعت اسلامي سان آهي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...