سنڌ هائيڪورٽ سکر بئنچ ٻٻرلوءِ ۾ قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي . ڪجهه عرصو اڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ معمولي ڳالهه تان لال بخش قتل ٿي ويو هو. قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن فدا، امتياز، افروز ۽ حسن عرف حسو جي طرفان ضمانت لاءِ سنڌ هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. ڪيس جي سنڌ هائيڪورٽ سکر بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت جوابدارن جي وڪيل جي درخواست تي قتل ٿي ويل لال بخش جي قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن فدا، امتياز، افروز ۽ حسن عرف حسو جي هڪ هڪ لک روپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن. انڊس هاءِ...