قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو آهي ته شڪست کانپوءِ حڪمران وائڙا ٿي ويا آهن، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اوچتو اجلاس ختم ڪيو، حڪومتي بئنچن تي ويهي 17 ماڻهن حفيظ شيخ خلاف ووٽ ڏنو، ايوان وزيراعظم تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر اوچتو اجلاس ملتوي ڪيو، اسپيڪر ڊائس تان ائين ڀڳو جيئن چور ڀڄندو آهي، وزيراعظم پاڻ حڪومتي اميدوار جي چونڊ مهم هلائي، عمران خان هر ميمبر سان اربين رپين جي اسڪيمن جا واعدا، ڪيا، شڪست کانپوءِ حڪمران وائڙا ٿي ويا آهن. هن چيو ته واضح ٿي ويو ته حڪومت وٽ اڪثريت ناهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو حل نئين چونڊ آهي. سندس چوڻ هو ته عوام کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، حڪومت جي ناڪامي تي عوام پريشان آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڳالهيون چونڊن کانپوءِ ئي ٿينديون،اڄ پي ٽي آءِ ميمبر به سندن موقف تي هلي رهيا آهن. هن چيو ته نيب کي مڪمل طور بند ڪرڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومت کي اسيمبليءَ ۾ شڪست ملڻ جو مثال نه ٿو ملي، حڪومت عادت پوري ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو، شڪست کانپوءِ حڪومت جا بهانا فضول آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي عزت سان گهر هليو وڃڻ گهرجي، ڪوئن وانگر حڪومت نه ڪري رهيا آهن ته شينهن وانگر استعيفيٰ ڏين. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي نه ٿي آهي، هر طبقو سراپا احتجاج آهي. هن چيو ته شڪست کانپوءِ حڪومت ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، سندن مطالبو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏي، نيون چونڊون ڪرايون وڃن. راجا پرويز اشرف چيو ته يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي ثابت ڪيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...