پاڪستان رينجرز سنڌ پاران ڪراچي جي قائداعظم رينجرز اسپيشل چلڊرن اسڪول ٽال پلازا معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري مھمان خصوصي طور شرڪت ڪئي. تقريب دوران، ڪيترن معذور اسڪول جي ٻارن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ آيل ماڻهن کان داد وصول ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي رينجرز سنڌ چيو ته معذور ٻار وڏي روح ۽ جذبي جي علامت آهن. هن چيو ته معذور ٻارن جي پرورش، تربيت ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار قابل تحسين آهي. ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري قائداعظم رينجرز اسپيشل چلڊرن اسڪول جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...