پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پي ايس ايل جون ڇهون ايڊيشن ڪورونا جا ڪيس وڌڻ سبب ملتوي ڪري ڇڏيو. پي سي بي ۽ ٽيمن جي مالڪن وچ ۾ ورچوئل گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پي ايس ايل کي فوري طور ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي بعد پي سي بي پاڪستان سپر ليگ سڪس جا مقابلا ملتوي ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پي ايس ايل ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ايونٽ فوري طور اڻڄايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. پي ايس ايل ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا ست ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جنهن سبب ڪراچي ڪنگز جي رانديگر ڊين ڪرسٽين به سپر ليگ ڇڏي چڪو آهي، جنهن جي تصديق پي سي بي طرفان ڪئي وئي. پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي شروعات 20 فيبروري کان ٿي هئي ۽ ايونٽ ۾ هن وقت تائين 14 ميچ کيڏيا ويا آهن. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي چئن، لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي هڪ هڪ رانديگر ۽ هڪ آفيشل ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي...