وزيراعظم عمران خان طرفان اليڪشن ڪميشن تي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي الزام کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي اليڪشن ڪميشن بابت بيان جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم جي بيان تي آئيني حدن ۾ رهندي رد عمل جاري ڪندي. وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب دوران مخالف ڌر سميت اليڪشن ڪميشن تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي.