جي يو آءِ، عبدالغفور حيدري لاءِ سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو گهري ورتو آهي، جڏهن ته پ پ طرفان ايم ڪيو ايم کي عهدو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي. ذريعن موجب جي يو آءِ عبدالغفور حيدري کي ڊپٽي سينيٽ چيئرمين جو عهدو ڏيڻ واري معاملي تي ن ليگ کي به گڏ هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ، ايم ڪيو ايم کي حڪومت جو ساٿ ڇڏڻ جي صورت ۾ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي. پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته ايم ڪيو ايم حڪومت سان اتحاد ختم ڪيو ته عمران خان کي ڪڍڻ جو رستو آسان سولو ٿي ويندو. ذريعن موجب پ پ ۽ جي يو آءِ پاران پنهنجون تجويزون سڀاڻي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ رکيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن اڃا تائين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پنهنجي باضابطه سفارش تيار ناهي ڪئي، اڄوڪي اجلاس ۾ ان معاملي تي غور ڪيو ويندو.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...