ٽنڊي آدم ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. ڀٽ شاهه روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ پنجن ورهين جو حيدر علي سمون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس والد 40 ورهين جي شوڪت علي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي بعد فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. حادثي ۾ زخمي ٿيل شوڪت سمون کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدر آباد اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي ٻه ٿي ويو. حادثي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڄڻي جي حالت اڃا به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...