پاڪستان مسلم ليگ نون ڪراچي جي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ مفتاح اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تازو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا جي نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي وزير جي وڪيل قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان ڏنل استعيفيٰ جمع ڪرائي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي فيصل واوڊا جي استعفيٰ نه ملي آهي، قومي اسيمبلي جي قانون ٺاهيندڙ اداري ۾ استعيفيٰ نه پهتي آهي، جڏهن ته اسپيڪر پاران استعيفيٰ منظور ٿيڻ بعد اها سيٽ خالي سمجهي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ننڍي چونڊ لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي جيڪا فيصل واوڊا جي استعفيٰ کان پوءِ خالي ٿيندي. ذريعن موجب، مفتاح اسماعيل، فيصل واوڊا جي استعفيٰ کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي ڪراچي ۾ مقابلو ڪندو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...