اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ ۾ ڪاميابي روڪرائڻ ۽ علي حيدر گيلاني کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين اي علي نواز اعواڻ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ علي حيدر گيلاني داخل درخواست رد ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله درخواست ڏيندڙ کي چيو ته ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ هلي رهيو آهي، پهريان ان فورم کي استعمال ڪيو وڃي، ان ڪري اها درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي. چيف جسٽس چيو ته غيرضروري طور تي عدالتن کي سياسي معاملن ۾ آڻڻ مناسب ناهي. چيف جسٽس اطهر من الله وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪئي ۽ درخواست ڏيندڙ کي لاڳاپيل فورم سان رابطي جي هدايت ڪئي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...