جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آھي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ ڪنھن به جماعت جي حمايت جو اعلان نه ڪيو آھي ووٽ بدران نوٽ کي عزت ملي رهي آهي. مٽياري ۾ ضلعي بار ۾ وڪيلن کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي سراج الحق چيو ته ڪنھن به جماعت جي حمايت جو اعلان نه ڪيو آھي، جماعت اسلامي ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻو آهي ان جو فيصلو پارٽي ڪندي. ھڪ سوال جو جواب ۾ سراج الحق چيو ته اڄ تائين اھا روايت رھي آھي ته جنھن وٽ پيسو گھڻو ھوندو اھو چونڊ کٽيندو آھي. هن چيو ته اھا خبر ناهي ته آھي ته گيلاني ۽ سنجراڻي مان ٻنھي وٽ ڪيترو پئسو آھي. سندس چوڻ هو ته اڃا تائين ته ووٽ جي بدران نوٽ کي عزت ملي رھي آھي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پ پ ھڪ ٻئي تي الزام لڳا يا پر وقت آيو ته چيئرمين سنجراڻي سان گڏ پ پ جو سليم مانڊي والا ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو جنھن تي سينيٽر به حيران ٿي ويا جماعت اسلامي جي امير چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪجهھ به ٿي سگھي ٿو.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...