وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارن بابت اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس اڄ منجهند ساڍي ٽين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ وزيراعظم کي چونڊ سڌارن بابت بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي ٽيم کي چونڊ سڌارن ۾ ترميم جي لاءِ وڏو هدف پڻ ڏيندو. اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، ووٽنگ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت معاملن جو جائزو پڻ ورتو ويندو. مڪاني، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ تي پڻ اجلاس ۾ ويچاريو ويندو. اجلاس دوران رٽرننگ آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ چونڊ عملي جي ذميواريون طئي ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾اعليٰ ايوان، ننڍن ايوانن جي مختلف چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تي به ڳالهائيندو.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...