ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪهڪشان حيدر نالي عورت پاران آمريڪا ۾ ويهي ڪراچي اندر ٽارگيٽ ڪلنگ جو نيٽ ورڪ هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي عملدارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ ترسيل عورت متحده باني جي حڪم تي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائيندي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد، رينجرز اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رينجرز ۽ سي ٽي ڊي هڪ گڏيل آپريشن ڪيو. هُن ٻڌايو ته 2017 ۾ رينجرز ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلرن جي هڪ ٽيم کي پڪڙيو هو، جنهن بعد مليل ڄاڻ تي ڳجهو آپريشن ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته جاچ دوران ڪهڪشان نالي عورت جي ڪال رڪارڊنگ به سامهون آئي، جنهن ۾ هو ٽارگيٽ ڪلرن سان ٽارگيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد چيو ته ڪهڪشان حيدر آمريڪا مان ويهي دهشتگردن جو نيٽ ورڪ هلائي رهي آهي، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ خلاف شاهديون به هٿ ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي رينجرز جي ڪرنرل شبير ٻڌايو ته را سان گڏجي دهشتگردي جا منصوبا جوڙيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته جن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، انهن کي عمر قيد جي سزا به ملي چڪي آهي، جوابدار جاچ دوران ڪهڪشان جو نالو به کڻي چڪا آهن . سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم لنڊن جو مقصد ڪراچيءَ ۾ دهشت پکيڙڻ آهي. رينجرز جي ڪرنل شبير چيو ته ٽارگيٽ ڪلرن جن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو هو، انهن جا نالا نٿا ٻڌائي سگهجن. سندس چوڻ هو ته جن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهن کي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...