اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊ ۾ ادارن جي مداخلت اڄ به قائم آهي، ڪئمرائون ملڻ کانپوءِ شاهديون مليون ويون آهن ته سڪيورٽي ادارا اليڪشن جي نگراني پيا ڪن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت سينيٽ چيئرمين لاءِ پنهنجي پارٽيءَ مان اميدوار نامزد نه ڪيو. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي رهي آهي پر اها ڪيفيت آهي جو پولنگ بوٿ مان 6 ڳجهيون ڪئمرائون هٿ ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته ثبوت ملي ويا آهن ته سڪيورٽي ادارا اليڪشن جي نگراني پيا ڪن، هاڻي شاهديون ملي ويون آهن ته سڪيورٽي ادارا چونڊن جي نگراني ڪري رهيا آهن، صادق سنجراڻي صبح پنجين وڳي ايوان مان واپس ويو. شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعظم ۽ موجوده سينيٽ چيئرمين ڳجهيون ڪئمرائون لڳائڻ ۾ ملوث آهن.هن چيو ته مخالف ڌر اتفاق سان هڪ اميدوار نامزد ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ بي اعتمادي بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي، سمورا ميمبر ضمير جي آواز تي ووٽ ڏيندا. شاهد خاقان عباسي چيو ته اليڪشن ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهي ويندي آهي عمران خان کي احساس ٿيو آهي ته نئين چونڊ جو آپشن به آهي. هن چيو ته ملڪي مسئلن جو حل اهو ئي آهي ته نئين چونڊ ڪرائي وڃي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...