سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جي اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته سينيٽ پولنگ بوٿ ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳائي ملڪ کي دنيا ۾ بدنام ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته جن ادارن ڪيمرائون لڳائڻ جي ڪريل حرڪت ڪئي، ان سان بدنامي ٿي آهي. هن چيو ته جي يو آءِ صاف شفاف اليڪشن تي يقين رکي ٿي، انگ ۾ مخالف ڌر کي سرسي حاصل آهي، ڪمزور ماڻهو دٻاءُ وجهندا آهن. سندس چوڻ هو ته اها بدقسمتي آهي جو ميمبرن کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرايو وڃي ٿو. مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته حفيظ شيخ کي شڪست آءِ ايم ايف جي شڪست آهي.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...