ڪراچي جي علائقي اورنگي ۾ ڌماڪي ۾ شھيد ٿيل رينجرز اهلڪار جو مڙھ ٺاروشاهه ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد ٿيل جوان روشن سولنگي جو مڙهه ڳوٺ ٻڍل سولنگي پهچايو ويو. مڙهه پهچائڻ کانپوءِ شهيد ٿيل روشن سولنگي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ رينجرز جي ڪرنل مبشر علي، ڊي ايس پي ڀريا، ايس ايڇ او ٺاروشاهه اشرف ميمڻ سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ شهيد ٿيل رينجرز اهلڪار جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي شهيد ٿيل رينجرز اهلڪار جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن طرفان وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. سومر ڏهاڙي ڪراچي جي علائقي اورنگي ۾ ڌماڪي سبب رينجرز اهلڪار روشن سولنگي شهيد ٿي ويو ۽ ٻيا زخمي ٿيا هئا.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...