ڪورونا وبا سبب قلندر لعل شھباز جي درگاهه کي هڪ مهيني تائين عام پانڌيئڙن لاءِ بند ڪيو ويو. ڪرونا سبب قلندر لعل شھباز جو عرس مبارڪ به نه ٿي سگهندو، جنهن ڪري سيوهڻ واسي دڪاندارن ۽ واپاري پريشان ٿي ويا آهن. دڪاندارن ۽ واپارين جو چوڻ آھي ته قلندر جو عرس ٿيڻ جي آسري ۾ ڪراچي ڪوئيٽه، حيدرآباد سميت ٻين هنڌن جي واپارين کان ڪروڙين روپين جو مال اڳواٺ گهرائي اسٽاڪ ڪيو آهي، جيڪو ھاڻي واپاري کائن واپس به نه ڪندا. هنن چيو ته درگاهه بندٿيڻ سبب هو اڳ ئي بيروزگار ٿيا، هاڻي وڌيڪ بيروزگار ڪيو پيو وڃي. دڪاندارن وڏي وزيرکان مطالبو ڪيوته قلندرلعل شھبازجي درگاهه ايس او پي تحت کولي ميلي جي اجازت ڏني وڃي. ٻي پاسي ڪورونا وائرس سبب سچل سرمست جي درگاھ کي به زائرين لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد انتظاميه سچل سرمست جي درگاھ کي پانڌيئڙن لاءِ بند ڪيو. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد درگاھ مان پانڌيئڙن کي ٻاهر ڪڍي درگاھ جا در بند ڪيا ويا، جتي پوليس اهلڪارن پڻ مقرر ڪيا ويا. ضلعي انتظاميه موجب حضرت سچل سرمست جي درگاھ 15 اپريل تائين پانڌيئڙن لاءِ بند رهندي.
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...