اطلاعات کاتي بابت پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فرودس عاشق اعواڻ چيو آحي ته جعلي راجڪماري جي سياست تباهه ۽ پي ڊي ايم جي ڪريل سياست جو جنازو کڄي ويو، غير فطري اتحاد عبرتناڪ انجام تائين پهچي ويو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ڊي ايم لالچ ۽ مفاد جو اتحاد هو، زرداري صاحب کي چيمپئن شپ ۽ ليگ کٽڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، اڳوڻي صدر، نوازشريف جي لالچ جو اندازو لڳائي ڇڏيو هو. هن چيو ته جعلي راج ڪماريءَ جي سياست دفن ٿي چڪي، اسحاق ڊار پاڪستان آيو ته سياسي ڏوهه جو اعتراف ڪندو، کيس شاهد خاقان عباسي فرار ڪرايو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه تائين ڀاءُ ڀيڻ رهندڙ هاڻي هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي رهيا آهن.خاص مددگار چيو ته پي ڊي ايم جي ڪريل سياست جو جنازو کڄي ويو، غير فطري اتحاد عبرتناڪ انجام تائين پهچي ويو.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...