سپريم ڪورٽ، عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکارڻ بابت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ڏهه رڪني فل بينچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته سرڪاري وڪيل گذريل ٻڌڻي تي انگريزي ٻوليءَ ۾ دليل ڏنا. هن چيو ته جڏهن قائداعظم محمد علي جناح انگريزي ۾ تقرير ڪندو هو، تڏهن ڪنهن کي به انگريزي سمجهه ۾ نه ايندي هئي، پوءِ به چيو ويندو هو سچو ليڊر آهي، سندن ڪابينا جي ماڻهن کي ته عربي نٿي اچي، ڇا اهي مسلمان ناهن.؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته بلوچستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو، ضياالحق ۽ پرويز مشرف جو نالو وٺندي ماڻهن جون ڄنگهون ڏڪنديون هيون، اهي ٻئي قوم جا نوڪر هئا، جج به عوام جا نوڪر آهن. سندس چوڻ هو ته رڳو موجوده ڪيس ۾ هو سڌي ريت نشريات ڏيکارڻ چاهين ٿا ۽ هي اعليٰ عدالتي وقار جو معاملو آهي، سڄي ملڪ جي عدالتن کي سڌي ريت ڏيکارڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وزيراعظم ۽ قانون واري وزارت سندس درخواست جي مخالفت ناهي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل، صدر ۽ اٽارني جنرل طرفان مخالفت سامهون آئي آهي، هو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته عدالت سڀني کي عوامي سطح تي احتساب جي قابل بڻائي ٿي. هن چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال کانسواءِ سمورا جج کائنس جونيئر آهن، عوام مان اهو تاثر ختم ڪرڻ چاهين ٿا ته جونيئر جج سينيئر خلاف فيصلو نٿو ڏئي سگهي. عدالت چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکارڻ تي ٻنهي پاسن کان مضبوط دليل ڏنا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد سڌي ريت ڪارروائي ڏيکارڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...