اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته لانگ مارچ کي استعيفائن سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي، پي ڊي ايم ۾ اختلافن جون ڳالهيون غلط آهن. حيدرآباد ۾ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پ پ جي حڪمت عملي سان سڀني کي فائدو ٿيو، پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي پ پ جي تجويز جي ساراهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پي ڊي ايم هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، سندن حڪمت عملي آئيني طور تي آهي، ان تحت حڪومت کي گهر موڪلڻو آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جي اتحاد سڄي ملڪ جي ننڍي چونڊ ۾ حڪومت کي شڪست ڏني. ناصر شاهه چيو ته وزيراعظم گذريل مهيني اليڪشن ڪميشن جي ساراهه ڪئي هئي، پر جڏهن ڊسڪا جو فيصلو آيو ته اداري مٿان تنقيد ڪئي وئي. هن چيو ته سرائڪي صوبو به نه بڻايو ويو، جنهن ڪري حڪومت جا اتحادي به ناراض آهن. ناصر شاهه چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، شهر ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال بهتر نه آهي، ادارن جي ڪارڪردگي وڏي مايوس ڪندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول جي هدايت آهي ته حيدرآباد جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج نظام کي بهتر ڪرڻو آهي، چوماسي جي برسات کان اڳ نالن جي صفائي به ڪئي ويندي، ڪم نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...