سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عدالتي حڪم تي ڪئنالن، واهن ۽ شاخن تان حد دخليون هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي. سرهاڙي ويجهو کڏهر شاخ تي قائم غير قانوني اڏاوتن خلاف ايس ڊي او آبپاشي جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. آپريشن دوران ڪيترن ئي گهرن، دڪانن ۽ هوٽلن کي ڳري مشينري جي ذريعي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. گهر ڊاهڻ خلاف متاثرن پاران احتجاج ڪري نعريبازي پڻ ڪئي وئي. سندن چوڻ هو ته اجها ڊهڻ سبب هو دربدر ٿي ويا آهن ۽ ڪارروائي دوران لکين رپين جو نقصان پهتو آهي. احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري اجها فراهم ڪيا وڃن. گڊو ۾ اي سي ڪشمور اياز سومرو، آبپاشي کاتي جي انجنيئر شبير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ آر ايم بچا بند تان غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو. اڏاوتون هٽائڻ دوران متاثر ٿيندڙ ماڻهن پاران عملي مٿان پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب ايڪسيويٽر گاڏي جو شيشو ٽُٽي پيو. پٿراءُ سبب آپريشن ڪندڙ عملي ڪم بند ڪري گاڏيون ٿاڻي آڏو بيهاري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب آپريشن ۾ رنڊڪ وجهڻ تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...