واٽر ۽ سوريج بورڊ جي يونائيٽيڊ ورڪرز يونين جي چيئرمين اڪرام خان ۽ صدر محمد پنھل مگسي چتاءُ ڏنو آھي ٻارنھن سئو رٽائرڊ ملازمن ۽ يارنھن ھزار حاضر سروس ملازمن کي پگھارن جي ادائگي نه ڪئي وئي ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. پنھنجي آفيس ٻاھران ملازمن کي خطاب ڪندي اڪرام خان ۽ محمد پنھل مگسي چيو ته ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي ھر مھيني اربين رپيا آمدني ھئڻ باوجود رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي پگھارون نه پيون ڏنيون وڃن. ھنن چيو ته ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافين تي سي بي اي ۽ حڪومتي يونين خاموش ڇو آھن. سندن چوڻ ھو ته ملازمن کي ڪنھن به ريت اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن ملازمن کي پگھارن جي ادائگي نه ڪئي وئي ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. ان موقعي شيدو جوکيو، امر مگسي، امير شاد خان، محمد ناظم خان ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.