مديجي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪئي وئي آهي. ٽائون انتظاميه شهر ۾ مختلف علائقن ۾ ڪتن کي مارڻ لاءِ زهر ڏنو. گوشت مارڪيٽ وٽ ڪتو زهر کائڻ بعد ڪجهه دير ڦتڪڻ کانپوءِ ٻيهر اٿي پيو. ڪتي جي شاهي بازار ۾ کاهي پوڻ جي ڪري ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان حوالي سان شهرين جو چوڻ هو ته ٽائون انتظاميا طرفان ڪتن ڏنل زهر نقل هجڻ ڪري ڪتن تي اثر نه ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته ڪتا ڦتڪي ڦتڪي ٻيهر اٿن ٿا، اعلي اختيارن کي زهر جي جاچ ڪرائڻ گهرجي. هوڏانهن يوسي ڇتو منگي ۾ رولو ڇتن ڪتن ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو. ڪتن ڳوٺ محمد مراد بروهي واسي چڳي مڙس لشڪر خان بروهي ۽ محمد بخش بروهي کي ڏاڙهي وڌو جن کي مديجي اسپتال پهچايو ويو جتي ويڪسين ڏني وئي. هوڏانهن حيدرآباد جي ڊاگ بائيٽنگ سيل پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏيڍ مهيني دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 600 کان وڌيڪ ڪيسز سامهون آيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڏيڍ مهيني ۾ مجموعي طور تي 22 سو کان وڌيڪ ماڻهن کي اينٽي ريبيز ويڪسين لڳائي. ڊآگ بائيٽنگ پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب فيبروري مهيني ۾ 360 سامهون آيا، جڏهن ته 240 ڪيس هلندڙ مهيني سامهون آيا آهن.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...