ايس ايس يو ليڊي ڪمانڊوز جي خاص دستي پاران پاڪستان جي ڏھاڙي جي پريڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تياريون جاري آهن. اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي ليڊي ڪمانڊوز جو خصوصي دستو سنڌ پوليس جي نمائندگي ڪندي 23 مارچ 2021 تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ 81 هين يوم پاڪستان جي ڏھاڙي جي پريڊ ۾ پھريون ڀيرو شرڪت ڪندو. پريڊ ۾ پاڪستان آرمي، نيوي ، ايئر فورس ، پوليس ، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادران جا دستاپريڊ ۾حصو وٺندا ۽ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن مقصود احمد چيو ته ايس ايس يو ليڊي ڪمانڊوز جو پاڪستان ڊي پريڊ ۾ شرڪت ڪرڻ سنڌ پوليس لاءِ فخر جي ڳالهھ آھي. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊي آءِ جي مقصود احمد وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي آزادي جي قدر ڪرڻ گهرجي ۽ باهمي هم آهنگي ۽ امن کي اپنائڻ گهرجي. مقصود احمد جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته پاڪستان ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڌيڪ مضبوط توڙي مستحڪم ٿيندا.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...