تحريڪ انصاف پي ڊي ايم سينيٽر يوسف رضا گيلاني کي فوري طور نااهل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف اڳواڻ مليڪا بخاري چيو ته سينيٽ جي چونڊ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن کي شفاف بڻائڻ اليڪسن ڪميشن جي ذميواري آهي. مليڪا بخاري چيو ته هو ضمير وڪرو ڪندڙن خلاف هر عدالت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته عوام جي اعتماد کي ڌڪ پهچائيندڙ سينيٽر بڻجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. مليڪا بخاري چيو ته 3 مارچ تي عوام جو اعتماد چوري ٿيو ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي نااهل وزيراعظم ۽ سندس پٽ ضمير فروشي جي عمل کي اڳتي وڌايو. سندس چوڻ هو ته الحمدالله يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين نه ٿيو آهي. مليڪا بخاري چيو ته آئيني اداري پاران پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ اليڪشن ايڪٽ آهي، ماڻهو انصاف لاءِ اداري طرف ڏسي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽر طور نااهل قرار ڏنو وڃي.
سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي
پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هر پارٽيءَ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، ن ليگ اليڪشن...