وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي فواد چوڌري چيو آهي ته نيب مان ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي اميد آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جوابدارن کي ڪوروز ٿيٽر لڳائي جو موقعو فراهم ڪرڻ مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ڪرپٽ ناهن ته پوءِ پاڪستان ڪرپشن فري ملڪ آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کين سزائون نه ٿيون ملن ته نيب کي بند ڪري ڍاٻو کوليون، ملڪ جا وسيلا ضايع ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ فواد چوڌري چيو ته مريم نواز جهڙي نابالغ سياستدان جي پيش روي احسن اقبال کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...