پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار بابت ڳالهين لاءِ انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه وفد سان گڏ اڄ ڀارت روانو ٿيندو جڏهن ته تڪرار بابت ٻنهي ملڪن جي واٽر ڪمشنرن جون ڳالهيون 23 ۽ 24 مارچ تي نئين دهلي ۾ ٿينديون. پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار بابت ڳالهين لاءِ انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه وفد سان گڏ اڄ ڀارت روانو ٿي رهيو آهي. پاڻي تڪرار بابت ٻنهي ملڪن جي واٽر ڪمشنرن جون ڳالهيون 23 ۽ 24 مارچ تي نئين دهلي ۾ ٿينديون. پاڪستاني وفد جي نمائندگي انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه ڪندو جڏهن ته ڀارت جي نمائندگي ڀارتي واٽر ڪمشنر پرديپ ڪمار سڪسينه ڪندو. ڪميشن جو چوڻ آهي ته 2018 ۾ پاڪ ڀارت پاڻي بابت ڳالهيون لاهور ۾ ٿيون هيون جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي تحت هر سال ڳالهيون ٿيڻ ضروري آهن.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...