افغانستان جي صوبي جلال آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 فيميل پوليو ورڪرز مارجي ويون آهن. تفصيل مطابق ڌار ڌار واقعن جي نتيجي ۾ ٻه والنٽير جڏهن ته هڪ سپروائزر پنهنجي حياتي وڃائي ويٺيون آهن. صوبي جي پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته في الحال ٻه مشڪوڪ شخصن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڃان به انڪوائري جاري آهي.